خيمي ۾ شام

خيمي ۾ شام

خيمي ۾ شام

خيمي ۾ شام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا جو لکيل آهي، جنهن ۾ سفرناما، خاڪا، انٽرويو، پروفائيلَ، تعزيتي مضمونَ ۽ مهاڳُ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ جي والده شريف النساءِ ناصر علي لکيو آهي، جنهن سندس ننڍپڻ ۽ خانداني پسمنظر جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارين شخصيتن تي پروفائيل شامل آهن. کيرٿر، سيف الملوڪ، ٿر ۽ ٻين اهم ماڳن جي سفر جا داستان به ڏنا ويا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، نارائڻ شيام، بردي سنڌي، موهن ڀڳت، استاد محمد جمن، ماٺيڻي اوٺي، ماڻڪ، سرمد سنڌي، خيرالنساءِ جعفري ۽ ٻين اهم ماڻهن جي وفات تي تعزيتي مضمون به داخل آهن. علي بابا، نورالهديٰ شاهه، طارق عالم، شرجيل ۽ ارم محبوب جي شاعري ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جا مهاڳ به ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ ليکڪ جا ٻن حصن ۾ سيلف پورٽريٽ به شامل آهن.
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي نورالهديٰ شاهه جو تاثر ڏنل آهي. دوستي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جولاءِ 2001ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2009ع ۾ شايع ٿيو. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 490 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو